عاشق حسين پاٽولي

عاشق حسين پاٽولي

عاشق حسين پاٽولي استاد

عاشق حسين پاٽولي، استاد: شوٽنگ بال راند جي بهترين رانديگر عاشق حسين پاٽولي 1940ع ڌاري ٽنڊي الهيار ۾ جنم ورتو. هن 1953ع ۾ ننڍي عمر ۾ شوٽنگ بال راند کيڏڻ شروع ڪئي. اڳتي هلي بهترين رانديگرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. پاڻ بئڪ سينٽر جو بهترين رانديگر هو. سندس ڌڪ جو انداز منفرد هوندو هو، ٽنڊي الهيار ۽ آس پاس ۾ شوٽنگ بال جو شوق پيدا ڪرڻ ۾ سندس اهم ڪردار رهيو، سندس ڪوشش سان ٽنڊي الهيار ۾ راشدي ڪلب ۽ پاٽولي ڪلب جو بنياد پيو، جن ٽيمن سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ ٽورنامينٽن ۾ حصو ورتو. عاشق حسين مقامي سطح ۽ ضلعي سطح تي ڪيترائي ٽورنامينٽ ڪرايا. هن راند ۾ دلچسپي رکندڙ ڪجهه سرمائيدار ۽ زميندار دوستن ۽ معززين جي سهڪار سان ٽنڊي الهيار ۾ چار دفعا آل سنڌ ٽورنامينٽ ۽ چار دفعا آل پاڪستان ٽورنامينٽ ڪرايا. کيس شوٽنگ بال راند ۾ مڃتا طور ڪيترائي انعام ۽ اعزاز مليا. هن ڪيترن ئي نوجوانن کي راند جي سکيا ڏني. اڳتي هلي وڏي عمر سبب راند ڪرڻ ڇڏي ڏنائين ۽ ٽنڊي الهيار ۾ هوٽل کولي روزگار کي وقت ڏيڻ لڳو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو